پاٽ پراڻي جي اڳوڻي تاريخ

پاٽ پراڻي جي اڳوڻي تاريخ

پاٽ پراڻي جي اڳوڻي تاريخ

پاٽ پراڻيءَ جي اڳوڻي تاريخ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب هڪ پراڻي فارسي ڪتابڙي تان محمد روشن صديقي پاٽائيءَ، 12 محرم 1356هه/ 1937ع ۾ ترجمو ڪيو ۽ ليٿو ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ڪرائون سائيز جو ڪتاب 46 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتابڙي ۾ پاٽ ۾ قلندر شهباز جي آمد، پاٽ جي مسجدن، يارمحمد ڪلهوڙي پاران پاٽ تي قبضي، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي حڪومت، مخدوم عبدالرحمان پاٽائيءَ ۽ سندس جماعت جي شهادت، نادرشاهه جي ڪاهه، پراڻي پاٽ جي برباديءَ ۽ نئين پاٽ جي بنياد ۽ صديقي خاندان جي ڪن شخصيتن جو مختصر ذڪر شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو